اسلاميات سنڌي ڪھڙو نبي پنھنجي صبر جي حوالي سان چڱيءَ طرح سڃاتو وڃي ٿو؟
اسلاميات سنڌي حضور صه جن ڪل ڪيترن غزون ۾ شرڪت ڪئي؟
Sindhi Subject (سنڌي مضمون) لفظ آزادي جو ضد ڇا آهي؟
Sindhi Subject (سنڌي مضمون) اھو لفظ جو ڪنھن بہ ماڻھوءَ، جاندار يا بيجان شيءِ جو خاص نالو ھجي، تنھن کي ________ چئجي ٿو
عام معلومات جرمني جو موجوده چانسلر ڪير آهي؟
حياتيات سنڌي ڊي اين اي ______ ۾ موجود هوندو آهي.
حياتيات سنڌي ______ ٿڌي رت وارو جانورنه آهي.
عام معلومات آمريڪا ۾ ڪل رياستون گهڻيون آهن.
Sindhi – سنڌي سرمد سنڌي ڪڏھن شھيد ٿيو؟
سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ ستين مئي ۱۹۵۸ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ محمد حيات مغل جي اڱڻ تي اکيون کوليون، پر سندس ئي ڏنل هڪ انٽرويو موجب سرٽيفڪيٽن ۾ سندس جنم جي تاريخ ستين جولاءِ ۱۹۶۱ع ڄاڻايل آهي. سندس مائٽاڻو نالو عبدالرحمان مغل رکيو ويو. سرمد سنڌي پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ مان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۸۰ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. عملي طور تي ۱۹۸۴ع ۾ پهريان ايڇ. ڊي. اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر طور مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. سرمد سنڌيءَ جو تعلق هڪ شريعت جي پابند مذهبي گھراڻي سان هو، جتي راڳ ڳائڻ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو، پر سرمد سنڌي ننڍپڻ ۾ ئي روح کي ريجھائڻ لاءِ راڳ طرف راغب ٿيو، ايتريقدر جو پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ريڊيو يا ڪئسٽ ۾ ڪوئي به ڪلام ٻڌندو هو ته ڳچ وقت تائين اهو ساڳيو ڪلام پنهنجي منهن جھونگاريندو رهندو هو. کيس سنڌ جي ٻن ناميارن ڪلاڪارن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جو آواز توڙي انداز بيحد متاثر ڪندو هو.
Sindhi – سنڌي سنڌ جي قومي راند ڪھڙي آھي