سرمد سنڌي ڪڏھن شھيد ٿيو؟

16 آڪٽوبر 1995
27 ڊسمبر 1996
27 آگسٽ 1994
19 مارچ 1997
27 ڊسمبر 1996  سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ ستين مئي ۱۹۵۸ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ محمد حيات مغل جي اڱڻ تي اکيون کوليون، پر سندس ئي ڏنل هڪ انٽرويو موجب سرٽيفڪيٽن ۾ سندس جنم جي تاريخ ستين جولاءِ ۱۹۶۱ع ڄاڻايل آهي. سندس مائٽاڻو نالو عبدالرحمان مغل رکيو ويو. سرمد سنڌي پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ مان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۸۰ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. عملي طور تي ۱۹۸۴ع ۾ پهريان ايڇ. ڊي. اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر طور مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. سرمد سنڌيءَ جو تعلق هڪ شريعت جي پابند مذهبي گھراڻي سان هو، جتي راڳ ڳائڻ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو، پر سرمد سنڌي ننڍپڻ ۾ ئي روح کي ريجھائڻ لاءِ راڳ طرف راغب ٿيو، ايتريقدر جو پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ريڊيو يا ڪئسٽ ۾ ڪوئي به ڪلام ٻڌندو هو ته ڳچ وقت تائين اهو ساڳيو ڪلام پنهنجي منهن جھونگاريندو رهندو هو. کيس سنڌ جي ٻن ناميارن ڪلاڪارن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جو آواز توڙي انداز بيحد متاثر ڪندو هو.

Related posts

لاڙڪاڻي کان ميھر تائين واري علائقي کي ڪھڙو علائقو سڏيو وڃي ٿو؟
A. ڪڻڪي علائقو
B. سبزين وارو علائقو
C. ساريال علائقو
D. مڪئي علائقو
پاڪستان جي ڪھڙي نامياري سائنسدان کي نوبل انعام سان نوازيو ويو؟
A. ڊاڪٽر عبدالسلام
B. ڊاڪٽر عبدالقدير
C. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ
D. ڪو به نہ
موئن جو دڙو ______ ۾ آهي.
A. سکر
B. نوابشاهه
C. حيدرآباد
D. لاڙڪاڻو
سنڌ تي حملي جي وقت محمد بن قاسم وٽ ڪيتريون منجنيقيون (پٿرن اُڇلائڻ واريون مشينون) ھيون؟
A. 3
B. 4
C. 5
D. 6
ناول “نورجهان” ڪڏھن ڇپيو.
A. 1905ع
B. 1910ع
C. 1915ع
D. 1920ع
ڪھڙي جنگ کان پوء غير مسلم طرفان ڏھ مسلمانن کي لکڻ پڙھڻ سيکارڻ کان پوء پاڻ سڳورن آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو؟
A. جنگ احد
B. جنگ بدر
C. جنگ خيبر
D. جنگ تبوڪ
استادَ اسان کي ھر سبق جو ______ لکرائيندا آھن
A. سڄو
B. تَتُ
C. جز
D. ڪو به نه

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *